Copyright  2014 Daily Awamisoach . All Rights Reserved
HOME /
Powered By: PMedia
dailyawamisoach@gmail.com
 ADVERTISMENT  /
CONTACT US  /
ePAPER /
يمن جنگ واري مامري تي ڪوٺايل پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ يمن جي صورتحال جي حوالي سان جيڪو فيصلو ٿئي سو ٿئي، پر اُن جي مُهڙ ۾ پي ٽي آءِ پاران ايوان جو حصو بڻجڻ تي جيڪو شور ۽ هُل مچايو ويو، متحده وارن جيئن گوڙ ڪري واڪ آئوٽ ڪيو ۽ بعد ۾ دفاع واري وزير خواجه آصف جيڪا تيل ڇڙڪڻ جي ڪوشش ڪئي، تنهن مان چڱيءَ پر پتو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جا معزز ميمبر مسئلن کي سُلجهائڻ ۾ ڪيترا سنجيده آهن ۽ اُنهن کي پنهنجي اعليٰ ايوانن جو ڪيترو ڀرم آهي. اهم اجلاس جي حوالي سان وقت جي تقاضا اِها هُئي ته سڀني ميمبرن کي پي ٽي آءِ پاران ايوانن جو حصو بڻجڻ واري قدم جي آجيان ڪرڻ گهرجي ها، سو ته ٺهيو، ماڳهين شرم ۽ حياءَ ڏيارڻ واريون اهڙيون ڳالهيون ڪيون ويون جو سياست جي رڻ ۾ انتهائي بُردباريءَ جو مظاهرو ڪندڙ چوڌري اعتزاز احسن کي پورس جي هاٿيءَ وارو مثال ڏيڻو پئجي ويو. سندس چوڻ هو ته حڪمران جماعت جي اهم وزيرن کي پنهنجو لهجو نرم رکڻ گهرجي.
يمن صورتحال بابت فيصلو ڪرڻ جي حوالي سان سڏايل اهم اجلاس ڪالهه منجهند ڌاري شروع ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف جو چوڻ هو ته يمن جي معاملي ۾ سعودي عرب پاڪستان کان ويڙهاڪ جهاز، بحري جهاز ۽ زميني فوج گهري آهي، پر اُن حوالي سان ڪو به فيصلو عوامي خواهشن پٽاندر پارليامينٽ ۾ ئي ڪيو ويندو. گڏيل اجلاس ۾ پاليسي بيان ڏيندي خواجه آصف جو چوڻ هو ته يمن مان پاڪستانين کي سلامتيءَ سان پنهنجي مُلڪ پهچائڻ وارين ڪوششن کي يقيني بڻايو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته يمن ۾ سيڪيورٽي صورتحال جا پاڪستان ۽ خطي تي اثر پيا آهن، پاڪستان يمن ۾ غير رياستي عناصرن جي ڪارروائيءَ جي مذمت ۽ سعودي عرب جي حمايت ڪري ٿو. پاڪستان جي لاءِ سعودي عرب جي سيڪيورٽي انتهائي اهم آهي. سعودي عرب جي خودمختياري کي خطرو ٿيو ته پاڪستان اُن سان گڏ بيهندو. هُن اِهو به چيو ته اسين پاڪستاني عوام جي خواهشن جي خلاف ڪو به فيصلو نه ڪنداسين، پر سعودي عرب جي جاگرافيائي سرحدن جي دفاع ۾ ڪنهن به حوالي سان پوئتي نه هٽنداسين. خواجه آصف جي انهيءَ بيان جي حوالي سان چوڌري اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته خواجه آصف کي اعليٰ ايوان ۾ ڳالهه مُبهم رکڻ بجاءِ سڌي ڳالهه ڪرڻ گهرجي ها ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن کي چٽيءَ طرح ٻُڌائڻ گهرجي ها ته هُنن ڪهڙو فيصلو ڪيو آهي ۽ سعودي حڪومت ڪهڙي قسم جي مدد گُهري آهي. سندس اِهو به چوڻ هو ته هيءَ شيعا سُني جنگ نه بلڪه بادشاهت جو تڪرار آهي. سندس چوڻ هو ته اِهو ممڪن ئي ناهي ته حوثي، سعودي عرب تي حملو ڪن، ڇو ته هزارين ڪلوميٽر جو فاصلو آهي، جنهن کي پار ڪرڻ ڏکيو آهي ٻيو ته سعودي عرب وٽ خطي ۾ سڀ کان جديد هٿيار موجود آهن.
پارليامينٽ جي ان اجلاس ۾ ڪهڙو فيصلو ٿيندو؟ اُهو پنهنجي جڳهه تي پر اسين سمجهون ٿا ته جهڙيءَ ريت مُلڪ جون سموريون جمهوري پارٽيون هڪ هنڌ ڪٺي ٿيون آهن، سو انتهائي سُٺو سنؤڻ ته آهي ئي پر جمهوريت جو اصل حُسن به انهيءَ ۾ آهي ته سمورا معاملا صلاح مصلحت سان گڏجي ويهي حل ڪيا وڃن.
جيستائين يمن جنگ جو حصو بڻجڻ يا نه بڻجڻ واري ڳالهه جو سوال آهي ته اسين هنن ئي ڪالمن ۾ ڪيترائي ڀيرا اڳ به لکي چُڪا آهيون ته اسان جي حڪمرانن لاءِ هي انتهائي اهم وقت آهي ته اُهي پنهنجو پاڻ کي غير تڪراري ۽ اڻ ڌُريو ظاهر ڪرڻ سان گڏوگڏ پوري عالمِ اسلام مان وڇوٽيون ۽ تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ ٽياڪڙيءَ وارو ڪردار ادا ڪن. ڇو ته انهيءَ جنگ ۾ ٻنهي طرف نقصان مُسلمانن جو ئي ٿي رهيو آهي ۽ اِهو به ممڪن آهي ته اِها جنگ يمن مان وڌي پوري خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏي! تنهن ڪري اهڙي قسم جون ڪوششون وٺڻ گهرجن، جنهن سان امتِ مسلمه کي سُک ۽ سلامتي نصيب ٿئي. انهيءَ حوالي سان وزيراعظم ميان نواز شريف جي تُرڪيءَ واري دؤري کي پڻ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويو. اُميد اِها ئي ڪجي ٿي ته يمن ۾ ٻريل باهه کي وسائڻ لاءِ ٻين مسلم رياستن سان پڻ رابطو ڪيو ويندو ته جيئن يمن جنگ جو پُرامن حل تلاش ڪري سگهجي. انهيءَ ۾ ئي مسلم دُنيا توڙي هن پوري خطي جي بهتري آهي.