Copyright  2014 Daily Awamisoach . All Rights Reserved
HOME /
Powered By: PMedia
dailyawamisoach@gmail.com
 ADVERTISMENT  /
CONTACT US  /
ePAPER /
بالي ووڊ ۾ ڪيريئر آهستي آهستي اڳتي وڌائڻ چاهيان ٿي:ڪاجل اگروال
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪاجل اگروال چيو آهي ته هوءَ پنهنجو بالي ووڊ ڪيريئر آهستي آهستي اڳتي وڌائڻ چاهي ٿي، ڇاڪاڻ ته هوءَ ٻين ٻولين جي فلمن ۾ به ڪم ڪري رهي آهي، ڪاجل اگروال پنهنجو مڪمل بالي ووڊ ڪيريئر 2011ع ۾ اجي ديوگن جي فلم “سنگهم“ ذريعي شروع ڪيو، جنهن کانپوءِ هن 2013ع ۾ اڪشي ڪمار سان گڏ فلم”اسپيشل 26 “ ۾ ڪم ڪيو، جڏهن ته هن وقت هوءَ رنديپ هوڊا سان فلم ”دو لفظون ڪي ڪهاڻي“ جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي، هڪ انٽرويو ۾ ڪاجل اگروال کان جڏهن فلمن ۾ ايڏي وڏي وٿي ۽ بالي ووڊ ۾ آهستي اڳتي وڌڻ بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته مان ٽنهي تامل، تيلگو ۽ هندي فلمن ۾ توازن رکڻ چاهيان ٿي، تنهن  ڪري آهستي آهستي اڳتي وڌڻ ضروري آهي، هن چيو ته مان هڪ ئي وقت مان ٽنهي ٻولين جي فلمن ۾ ڪم نه ٿي ڪري سگهان،ڇو ت ٽنهي کي مختلف وقت گهرجي،هن چيو ته مان خوشقسمت آهيان ته مان ڪنهن به انڊسٽري ۾ بهترين فلم جي چونڊ ڪري سگهان ٿي، 30 ورهين جي ڪاجل اگروال چيو ته بالي ووڊ ۾ مون هن مهل تائين ٻن فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي،جيڪي بهترين رهيون، هاڻ ٽئين فلم جي رليز جو انتظار آهي، هن ٻڌايو ته کيس ٻين ڪافي فلمن جي آڇ ٿي آهي، جيڪي پائپ لائين ۾ آهن، جن بابت مان في الحال ڪجهه نه ٻڌائينديس ۽ وقت اچڻ تي انهن بابت ڳالهائينديس.