Copyright  2014 Daily Awamisoach . All Rights Reserved
HOME /
Powered By: PMedia
dailyawamisoach@gmail.com
 ADVERTISMENT  /
CONTACT US  /
ePAPER /
ٺٽي جي ميونسپل انتظاميه 20 ڪروڙ جي بجيٽ اڪائونٽ ۾ هجڻ باوجود شهر تباهه ڪري ڇڏيو، صفائي نه ٿي
ٺٽو(رپورٽ:اسماعيل ميمڻ) ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي انتظاميا اڪائونٽ ۾ 20 ڪروڙ رپين  جي رقم پيل هجڻ جي باوجود به ٺٽي شهر ۾ ترقياتي ڪم توڙي شهر جي صفائي به ناهي ڪرائي سگهي ، جڏهن ته رقم کي خرد برد ڪرڻ لاءِ ضلعي ۽ ميونسپل انتظاميا ۾ سرد جنگ شروع ٿي ويئي آهي . ان ڏس ۾ ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي اڪائونٽ ۾ 20 ڪروڙ روپيه پيل آهن پر ان جي باوجود به شهر جي ترقياتي اسڪيمن توڙي شهر ۾ صفائي سٿرائي جو ڪو به بهتر نظام نه آهي معلوم ٿيو آهي ته ميونسپل انتظاميه جي مايوس ڪارڪردگي بعد ڊي سي ٺٽو پاران ميونسپل ڪميٽي جي اڪائونٽ ۾ پيل رقم 20 ڪروڙ رپيا خرچ ڪرڻ بهاني ميونسپل ڪميٽي جي اڪائونٽ مان ٽرانسفر ڪرائي هائي وي روڊس کاتي جي حوالي ڪري شهر جي گهٽين ، گلين ۽ روڊ رستن جي مد ۾ خرچ ڪرڻ خاطر خرد برد ڪرڻ جي تياري جو انڪشاف ٿيو آهي. معلوم ٿيو آهي ته ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جو سي ايم او رقم روڊس کاتي حوالي ڪرڻ وارين تيارين ۾ رڪاوٽ  بڻجي پيو آهي ذريعن وٽان اهو معلوم ٿيو آهي  ته ميونسپل ڪميٽي جي اڪائونٽ مان رقم جي ٽرانسفر ڪرائڻ تي ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي سي ايم او سخت رد عمل ظاهر ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري ضلعي ۽ ميونسپل انتظاميا وچ ۾ پئسن جي معاملي تان سرد جنگ شروع ٿي ويئي آهي. جڏهن ته اهو به معلوم ٿيو آهي ته ضلعي انتظاميا پاران ميونسپل ڪميٽي جي اڪائونٽ جي رقم روڊس کاتي جي اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ڪرڻ بهاني ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جو سي ايم او موڪل وٺي روانو ٿي ويو آهي چيو وڃي ٿو ته گذريل ڪيترن سالن کان ميونسپل ڪميٽي ٺٽو ۾ ترقياتي ڪمن جي مد ۾ ملندڙ ماهوار قسطن مان جمع ڪيل رقم 20 ڪروڙ ضلعي  توڙي صوبائي حڪومت جي نظر ۾ اچي ويئي آهي جنهن ڪري انهي رقم کي خرد برد ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميا جنهن وٽ ميونسپل ڪميٽي جي انتظام جا به اختيار آهن جنهن شهر جي رستن ،گلين ، گهٽين جي تعمير بهاني رقم بجائي ميونسپل ڪميٽي ذريعي خرچ ڪرڻ جي انهن پئسن کي روڊس کاتي حوالي ڪري ملي ڀڳت ذريعي خرد برد ڪرڻ جا سانڀا ڪري ڇڏيا آهن

سجاول ۾ قبضا مافيا ۽ سجاول انتظاميا خلاف ڪوريجا برادري جو احتجاج
سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ قبضا مافيا ۽ سجاول انتظاميا خالف سوين ڪوريجا برادري جي ماڻهن احتجاج ڪري پريس ڪلب پهتا، ڪوريجا برادري جي سوين ماڻهن يوسف ڪوريجو، نور محمد ڪوريجو، اسحاق ڪوريجو ۽ ٻين ڳوٺ کان احتجاج ڪري پريس ڪلب پهتا اتي احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ ڀرسان سرڪاري زمين آهي، ان تي چانگ قوم جي ڪجهه ماڻهن هٿيارن جي زور تي قبضو ڪيو آهي، مختيار ڪار اهڙي رپورٽ ڊي سي سجاول کي ڏني آهي ته غير قانوني قبضو آهي ان جي باوجود ڊي سي سجاول قبضو ختم ڪرائي نه سگهيو آهي، هنن اهڙا ثبوت سنڌ حڪومت ۽ ڪمشنر حيدرآباد کي ڏنا آهن. 

سجاول ۾ ٽن مهينن کان پاپوليشن آفيس بند، ڊي او قاضي نديم فرار، عوام کي رليف نه مليو
سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ ٽن مهينن کان پاپوليشن آفيس بند ڊي او قاضي نديم فرار، عوام کي ڪو به رليف نه مليو، وفد صوبائي وزير علي مردان سان ملندو، سجاول ضلعو ٿيڻ کانپوءِ سجاول جي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سجاول ۾ پاپوليشن آفيس کولي پر بدقسمتي سان ضلعي آفيسر قاضي نديم ڪرپٽ نڪتو، هن سجاول ضلعي جي عوام جي نالي تي ڪروڙين رپيا ڪڍرائي ورتا هن جي خلاف سندس عملي، عورتن ۽ مردن احتجاج ڪيو ته  اسان جي نالي تي آيل ڪواٽر بجيٽ هڙپ ڪري ڇڏي آهي، ان کانپوءِ اينٽي ڪرپشن وارن سندس آفيس تي ڇاپو هنيو، هاڻي هو ٽن مهينن کان آفيس اچڻ ڇڏي ڏنو آهي، هتان جي عوام سنڌ حڪومت صوبائي وزير نيب ۽ ٻين کي اهڙا ثبوت موڪليا آهن، 

ڪوشش آهي ته پهريان پيرن اگهاڙي غريبن ۽ مسڪينن کي انصاف ملي: رخسار کهاوڙ  
ميرپورخاص ( بيورو ) ايس ايس پي ميرپورخاص رخسار کهاوڙ چارج وٺڻ کانپوءِ سنڌ صحافي سنگت ۽ ميرپورخاص سٽي پريس ڪلب جي صحافين سان تعارفي گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي چيو ته منهنجي اولين ترجيح آهي ته ضلعي ۾ مڪمل امن وامان قائم ڪري سگهان منهنجي ذاتي پسند ۽ ناپسند ڪا به ناهي ۽ چاهيان ٿو ته سڀ کان پهري پيرن اگهاڙي غريبن ۽ مسڪينن کي انصاف سندن دوزان تي ملي . صحافي معاشري جو آئينو آهن جن لاءِ منهنجا دروازا هر وقت کليل رهندا . ۽ هي اهو طبقو آهي جن وٽان اسان کي به آگاهي ملي ٿي . ڪي اهڙيون شيون آهن جيڪي آفيشل رڪارڊ ۾ نٿيون اچن جيڪي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا وسيلي ملن ٿيون . ميرپورخاص جي عوام ۽ صحافين جي تعاون سان ضلعي کي فري ڪرائيم زون بنايو ويندو . پنهنجي آفيس ۾ تعارفي گڏجاڻي دوارن هن وڌيڪ چيو ته جڏهن آئون 24 ڪلاڪ ڪم ڪيان ٿو ته پوءِ ٿاڻن جا ايس ايچ اوز به پنهنجو ڊيوٽيون ايمانداري سان انجام ڏين ڇوجو ڪوتاهي جي ڪا به گنجائش ناهي . ۽ تسليم ٿو ڪيان ته واقعي ميرپورخاص ضلعي ۾ ٿاڻن جون حد بنديون غلط ٿيل آهن .جن کي جلد درست ڪيو ويندو . هن موقعي تي سنڌ صحافي سنگت جو مرڪزي اڳواڻ سيد ظاهر حسين شاھ ، جئرام مالهي ، اديب ۽ ڪالم نگار قائم سولنگي ، سجاد رند ، سيد لياقت علي شاھ ، عظيم راجپوت ، سليم شعاعي ، پرتاب مالهي ، عبدالزاق خاصخيلي ، محمد صالح ڪوري ، اي ڪيو ميمڻ ، جاويد قائمخاني ، ڊاڪٽر فهد ملڪ ، مير آصف قمبراڻي ، سروڻ ڪمار ، غفار رند ، وارث خاصخيلي ، ايم ايس خلجي ، ارشد علي ، نادر سمون سميت ضلعي جي مختلف پريس ڪلبن جا صحافي وڏي انگ ۾ شريڪ هئا .  

Next News