Copyright  2014 Daily Awamisoach . All Rights Reserved
HOME /
Powered By: PMedia
dailyawamisoach@gmail.com
 ADVERTISMENT  /
CONTACT US  /
ePAPER /
راڌڻ ڀرسان ٽريڪٽر جو بيٺل چنگچي کي ٽڪر، عورت فوت، هڪ ڄڻو زخمي،ڊرائيور گرفتار
ڏوڪري (رپورٽر) گذريل ڏينهن ڏوڪري راڌڻ روڊ ڀرسان ڳوٺ جلال آباد وٽ بيٺل چنگچي تي ٽريڪٽر چڙھي ويو جنهن جي نتيجي ۾ نئوديرو جي رهواسڻ 50 سالن جي عورت جنت خاتون زال محمد ڪرڙ ميراڻي ٿڏي تي فوت ٿي وئي،جڏھن ته چنگچي ڊرائيور شهزادو ڀٽو سخت زخمي ٿي پيو اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو ته واقعي واري جاءِ تي پوليس پهچي عورت جو لاش ۽ زخمي کي ڏوڪري اسپتال کڻائي آئي ۽ زخمي کي ڏوڪري اسپتال داخل ڪيو ويو. هوڏانهن فوتي عورت  جي ڌي ملڪان،رشيدان ميراڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان مخدوم سعدي موساڻي کان زيارت ڪري واپسي ۾ ڳوٺ جلال آباد ۾ پاڻي پيئڻ جي لاءِ  چنگچي کي سائيڊ تي بيهاريو ته پويان تيز رفتار ٽريڪٽر اسان جي چنگچي کي ٽڪر هنيو ٽڪر جي نتجي ۾ اسان جي امڙ ٿڏي تي فوت ٿي وئي ۽ چنگچي ڊرائيور شهزادو ڀٽو سخت زخمي ٿي پيو ، هوڏانهن پوليس فوتي عورت جو ڏوڪري اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي عورتن جو لاش وارثن ڳوٺ نئون ديرو کئاڻي ويا. هوڏانهن سيهڙ پوليس ٽريڪٽر ڊرائيور عرفان علي بليدي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي ۽ ٽريڪٽر به پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي ايس ايڇ او علي ڏنو جتوئي جو چوڻ هو ته ٽريڪٽر ۽ چنگچي ۾ ٽڪر ٿيو آهي جنهن سبب هڪ عورت فوت ٿي وئي آهي ۽ چنگچي ڊرائيور زخمي ٿي پيو آهي ۽ ٽريڪٽر ڊرائيور عرفان بليدي کي گرفتار ڪيو آهي ۽ ٽريڪٽر به پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

ڏوڪري ۾ اسٽنٽ ڪمشنر جو دوڪاندارن تي ڇاپا، هزارين روپيا ڏنڊ  
ڏوڪري (رپورٽر) رمضان شريف جي ڀلاري مهيني دوران واپارين ۽ دوڪاندارن روز مرهه جي شين جا اگھ ٻيڻ ۽ ٽيڻ تي وڌائي ڇڏيا آهن ميڊيا ۾ خبرون اچڻ جو اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري سيد يار علي شاهه نوٽيس وٺيندي پوليس ساڻ ڪري روز مرهه جي شين جا اگھ وڌيڪ وٺڻ  ۽ ريٽ ليسٽ نه هئڻ سبب واپارين ۽ دوڪاندارن سبزي فروشن، مرغي گوشت فروش. ڪريانه ۽ فروٽ وڪرو ڪندڙن ديدار واهوچو، محمد عرس سومرو، ضمير سوهو، جاويد سومرو،  حبيب الله کوکر، محمد حنيف سومرو، محمد لقمان عباسي، علي خان سومرو ۽ ٻين تي هزارين روپيا ڏنڊ هنيو. ان موقعي تي اسٽنٽ ڪمشنر سيد يار علي شاهه جو چوڻ هو ته ڀلاري رمضان جي مهيني ۾ واپارين ۽ دوڪاندارن خلاف ڪارووائي ڪئي آهي وڌيڪ اگھ وٺندڙن تي هزارين روپيا ڏنڊ وڌو آهي وڌيڪ اگھ وٺندڙن کي بخش نه ڪبو. 

Back News